اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ هڪ ارب 74 ڪروڙ شيئرز جا سودا طئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 27 مئي 2021 کانپوءِ ڪنهن به ڏينهن رڪارڊ هڪ ارب 74 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو آهي.
جمعي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 679 پوائنٽون واڌ سان 66 هزار 130 تي بند ٿيو، ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 787 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو.
بازار ۾ اڄ هڪ ارب 74 ڪروڙ شيئرز جا سودا تقريبن 30 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 129 ارب رپيا وڌي 9 هزار 543 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.