پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ستارن جي برسات جو نظارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ستارن جي برسات (Geminid meteor shower) جو وڻندڙ نظارو ڪيو ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب 13 ۽ 14 ڊسمبر جي رات جو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ستارن ڏسڻ جي شوقين ماڻهن ستارن جي برسات جو دلڪش نظارو ڏٺو. اهو واقعو هر سال ڊسمبر مهيني ۾ پيش ايندو آهي جنهن جي شروعات 4 ڊسمبر کان ٿيندي آهي. 13 ۽ 14 ڊسمبر جي رات جو اهو پنهنجي عروج تي پهتو آهي ۽ 24 ڊسمبر تائين وقفي وقفي سان نظر ايندو رهندو آهي.

هر ڪلاڪ ۾ زمين جي ويجهو 100 کان وڌيڪ ستارن کي ڏسي سگھجي ٿو ۽ اهو دوربيني کانسواءِ به ڏسي سگھجي ٿو. هن سال نئين چنڊ جي ڪري آسمان وڌيڪ ڪارو هجڻ ڪري اهو نظارو اڃا به وڌيڪ روشن ۽ صاف طريقي سان ڏٺو ويو.

جيتوڻيڪ اهو نظارو سڄي دنيا ۾ نظر ايندو آهي پر بهترين برسات اتر اڌ قطب جي ملڪن آسٽريا،بيلجيئم،بلغاريا،ڪئناڊا وغيرا ۾ ٿيندي آهي ۽ ڏکڻ اڌ قطب جا ماڻهو گھٽ شرح ۾ ان جو مشاهدو ڪندا آهن.

ناسا موجب اسان جي شمسي نظام ۾ هڪ ڊگھي بيضوي مدار ۾ فيٿون 3200 نالي سيارو (اسٽرائيڊ) چڪر ڪاٽي رهيو آهي. هر سال ڊسمبر ۾ اهو زميني مدار جو چڪر ڪاٽيندو آهي. زمين جي ويجهو گذرندي ڦيٿون 3200 جا ڪيترائي ننڍا وڏا ذرڙا زميني ثقلي قوت سان اسان جي فضا ۾ داخل ٿي ويندا آهن.

اڻ ڳڻيا ذرڙا پنهنجي زبردست رفتار ۽ زميني رهڙ سان ڀڙڪي پوندا آهن جنهن سان ڪاري رات ۾ روشني جي هڪ ليڪ نظر ايندي آهي جنهن کي شهابي (ستارن ) جي برسات

چيو ويندو آهي.

وڏن شهرن ۾ لائيٽ پليوشن (light pollution) روشني جي گدلاڻ جي ڪري متان اهو نظارو واضح نظر نه اچي پر شهر کان پري ڪنهن اونداهه واري هنڌ تي ستارن جي برسات ڏسڻ مزو ڏيندڙ تجربو هوندو آهي. ان ڏس ۾ اسٽار پارٽي جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي جنهن ماڻهن جي وڏي انگ کي ڪنهن اونداهه واري هنڌ تي ويهي جيمنڊ ميٽيور شاور جو نظارو ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.