اهڙو سيارو جنهن تي پهچندي ئي اوهان کنڀ کنڀ ٿي ويندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن چيو وڃي ته اسان جي ڪهڪشان ۾ سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ سيارو HD 189733 ٿي سگھي ٿو ته متان اهو غلط نه هجي.
ناسا جي فلڪيات ماهرن جي ويجهو اهو سيارو ”قاتل سيارن“ مان هڪ آهي. انساني اک کي اهو پري کان چمڪندڙ نيرو نظر ايندو آهي پر جيڪڏهن ڪو به خلائي مسافر ان کي
زمين جهڙو ئي ماحول دوست سمجهي ان تي لهڻ جي ڪوشش ڪندو ته اها سندس زندگي جي سڀ کان وڏي ۽ آخري غلطي هوندي.
HD 189733 بي جي موسم موتمار آهي. ان جي هوا جون هوا آواز جي رفتار کان 7 ڀيران وڌيڪ 5,400 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان گھلندي آهي. پر ان جي سڀ کان وڌيڪ
خوفناڪ ڳالهه اها آهي ته اتي برسات جو پاڻي ڦڙن بدران شيشي جي ننڍن ننڍن ٽڪرن تي ٻڌل آهي.
اهڙي برسات جي وڪڙ ۾ اچڻ سڌو موت آهي جنهن جو اوهان کي احساس به نه هوندو.
ان سياري کي ڪوبالٽ جو نيرو رنگ جيڪو خلا مان ڪنهن سمنڊ جيان نظر ايندو آهي حقيقت ۾ سياري جي ماحول ۾ ومجود سليڪيٽ جي ذرڙن مان ٺهيل ڪڪرآن جيڪي هر
وقت طوفاني صورت اختيار ڪيل هونداآهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.