پريتي زنٽا جو بوبي ديول تي الزام

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا پنهنجي بابت افواهن جو ذميوار ساٿي اداڪار بوبي ديول کي قرار ڏئي ڇڏيو.
پريتي زنٽا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجو هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته گھڻا ماڻهو مون کان پڇندا رهندا آهن ته منهنجو اصل نالو
پريتي زنٽا آهي يا پريتم سنگهه زنٽا آهي، تنهنڪري آئون رڳو اهو واضح ڪرڻ چاهينديس ته پريتم سنگهه زنٽا منهنجو نالو نه آهي.
اداڪارا چيو ته مون کي خبر ناهي ته گوگل ۽ وڪيپيڊيا تي منهنجو نالو پريتم سنگهه زنٽا ڇو لکيو ويو آهي پر منهنجو اصل نالو هميشه کان ئي پريتي زنٽا رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مون کي اميد آهي ته هاڻي سڀني کي منهنجو اصل نالو خبر پئجي ويو هوندو، آئون ٻيهر واضح ڪري رهي آهيان ته منهنجو نالو پريتي زنٽا آهي.
اداڪارا چيو ته آئون ڪيترا ڀيرا ميڊيا تي اهو ٻڌايو آهي ته فلم سولجر جي سيٽ تي منهنجو ساٿي اداڪار بوبي ديول مون کي مذاق ۾ تنگ ڪرڻ لاءِ پريتم سنگهه زنٽا سڏيندو هو.
سندس چوڻ هو ته بوبي ديول جي ڪري ماڻهن کي لڳندو آهي ته منهنجو نالو پريتم سنگهه زنٽا آهي، مهرباني ڪري! اوهان بوبي ديول کان پڇو ته هن مون لاءِ اهو نالو ڇو چونڊيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.