ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل هزارين ماڻهن پاران استعمال ڪئي ويندڙ پنهنجي هڪ ٻي ايپ سروس بند ڪري رهي آهي. ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ گوگل پاران گوگل پلي موويز اينڊ ٽي وي ايپ کي بند ڪيو ويندو.
اها سروس سمارٽ ٽي وي تان اڳ ئي هٽائي وئيآهي ۽ جلد ان کي فون سروس تان به هٽايو ويندو جڏهن ته 17 جنوري کان پوءِ ان کي استعمال نه ڪري سگھندا.
پر خريد ڪيل فلمن ۽ ٽي وي پروگرامن کي ختم ڪرڻ بدران اينڊرائڊ ٽي وي ۽ يوٽيوب ۾ منتقل ڪيو ويندو.