ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار شرياس تلپڙي کي اوچتو دل جو دورو پئجي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي سپر هٽ ڪاميڊين فلم ”گول مال“ جي مشهور اداڪار شرياس تالپڙي کي پنهنجي نئين ايندڙ فلم جي شوٽنگ کان پوءِ اوچتو دل جو دورو پئجي ويو جنهن تي کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار شرياس تالپڙي ممبئي ۾ فلم ”ويلڪم ٽو دي جنگل“ جي شوٽنگ ڪري رهيو هو، ايڪشن سان ڀرپور فلم جي شوٽنگ ختم ٿيڻ بعد هو واپس هليو ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گھر وڃن بعد اداڪار پنهنجي زال سان بيچيني ٿيڻ جي شڪايت ڪئي جنهن کان پوءِ هو گھر کان اسپتال وڃڻ لاءِ نڪتو پر رستي ۾ ئي کيس دل جو دورو
پئجي ويو.

اداڪار کي اوچتو دل جو دورو پوڻ بعد فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس انجيو پلاسٽي ڪرائي وئي، پر هاڻي اداڪار جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.