پيٽرول ۽ ڊيزل جي کپت گهٽجي وئي، اٽڪ ريفائنري جو ٻه پلانٽ بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اٽڪ ريفائنري پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي اطلاع ڏنو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڌيڪ اسٽاڪ گڏ ڪرڻ جي گنجائش ختم ٿي چڪي آهي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ڪرايل اهم ڄاڻ موجب هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کپت گهٽ ٿيڻ سبب انهن شين جو اسٽاڪ تمام گهڻو وڌي ويو آهي.
اٽڪ ريفائنري موجب ريفائنري وٽ ڪچي تيل کي وڌيڪ صاف ڪري ان کي جمع ڪرڻ جي گنجائش تقريبن ختم ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري ريفائنري پنهنجا ٻه ڪچي تيل جا ڊيسلينيشن پلانٽ بند ڪري رهي آهي.
اٽڪ ريفائنري چيو آهي ته پلانٽ بند ڪرڻ سان آئل فيلڊ مان ڪچي تيل جي فراهمي گهٽ ٿيندي، ڪچي تيل جي ڊرلنگ گهٽ ڪرڻ جو اثر گئس جي پيداوار تي به ٿيندو.
اٽڪ ريفائنري موجب صورتحال کان اوگرا کي آگاهه ڪيو ويو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جي سيڙپڪارن کي به اهو اطلاع فراهم ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.