ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تين هٽي پل هيٺان ڪارروائي ۾ اربين رپين جي پاڻي جي چوري پڪڙي وئي.
ڪراچي واٽر ڪارپوريشن ٽين هٽي پل هيٺان ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران 22 فوٽ اونهي کڏ برآمد ڪئي وئي.
چيف آپريٽنگ آفيسر اسد الله خان موجب ريڪسر لائن ۾ پل هيٺان لياري کي پاڻي فراهم ڪندڙ لائن مان پاڻي جي چوري ڪئي پئي وئي.
هن چيو ته 33 انچ قطر جي لائن 2007 ۾ لياري کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ وڌي وئي هئي، لياري جي عوام جو روز 50 لک گيلن پاڻي چوري ڪيو پئي ويو.
سندس چوڻ هو ته 33 انچ قطر جي لائن مان 8 انچ جا 4 ڪنيڪشن ورتا ويا هئا.
Next Post
You might also like