پاڪ آسٽريليا ٽيسٽ جي حوالي سان اهم خبر

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) اين آر ايم اي انشورنس باڪسنگ ڊي ٽيسٽ لاءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ شين وارن ليگيسي ۾ معاهدو ٿيو آهي.
26 ڊسمبر کان آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ شروع ٿيندڙ ٽيسٽ جا شروعاتي 4 ڏينهن ايم سي جي جي 23 مختلف هنڌن تي هيلٿ اسٽيشنز لڳايا ويندا، جتي مفت هارٽ چيڪ اپ ڪيو ويندو.
چيڪ اپ دوران جنهن جو بلڊ پريشر وڌيڪ ايندو، ان کي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي، اهو هارٽ چيڪ اپ 4 منٽن تي ٻڌل هوندو.
ان پارٽنر شپ تحت فينز کي ميلبورن ۾ شيڊيول باڪسنگ ڊي ٽيسٽ لاءِ شين وارن جي مشهور فلوپي هيٽ پائڻ جي گذارش ڪئي ويندي.
ٽيسٽ جي هر ڏينهن منجهند 3 لڳي 50 منٽن تي اسٽيڊيم ۾ موجود فين شين وارن جي مخصوص انداز ۾ فلوپي هيٽ لاهي ليجنڊري اسپنر کي ڀيٽا پيش ڪندا، ليگ اسپنر جو ٽيسٽ ڪيپ نمبر 350 هو، جنهن سبب ان ايڪٽيويٽي لاءِ اهو وقت مقرر ڪيو ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نڪ هوڪلي موجب اسان کي هارٽ هيلٿ بابت آگاهي پکيڙڻ لاءِ شين وارن ليگيسي سان پارٽنرشپ تي خوشي آهي، وارن کي نه رڳو آسٽريليا پر سڄي دنيا ۾ ياد ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.