”ان اسٽاپ ايبل“ ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو

جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هلندڙ سال پنهنجي گولن جي ففٽي مڪمل ڪري اهم اعزاز ماڻي ورتو.
پرتگال سان واسطو رکندڙ ڪرسٽيانو رونالڊو جي راند مسلسل عروج تي وڃي رهي آهي ۽ هلندڙ سال هن گولن جي ففٽي مڪمل ڪري اهم اعزاز ماڻي ورتو آهي.
رونالڊو اهو اعزاز سعودي پرو ليگ ۾ النصر ۽ الشباب جي ميچ دوران حاصل ڪيو، هن النصر جي نمائندگي ڪندي هڪ گول ڪيو، جيڪو هلندڙ سال سندس 50هون گول هو.
ميچ ۾ النصر ٻه جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان ڪاميابي ماڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.