بگهڙن جي ور چڙھيل فلسطيني

تحرير: طفيل مگسي

فلسطين جو مسئلو جيئن ته هن وقت دنيا جي ٻن وڏن مسئلن منجهان هڪ آھي ۽ ان مسئلي جي ڪري عربن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ چار جنگيون پڻ لڳي چڪيون آھن ۽ ان ئي مسئلي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جي ذھنن ۽ نفسيات تي منفي اثر مرتب ڪيا آھن.ان سلسلي مسلمانن ۽ اولهه جي لاڳاپن ۾ ڄڻ ته زهر ڀري ڇڏيو آھي.ڏٺو وڃي ته عام.طور تي ان مسئلي کي عرب. اسرائيل جهڳڙي جي طور تي سڃاتو ويندو آھي. پر حقيقت ۾ ان مسئلي جي هڪ ٻي ڌر به آھي.جنهن جو نالو اولهه جا ملڪ آھي.

مغربي طاقتون جيڪي دنيا جي نقشي تي هڪ ڪيڪ ياهڪ.جنگ جي ميدان جي طور تي ڏسن ٿيون۽ ان کي وچ اوڀر تي پنهنجو داٻو رکڻ جي لاءِ ھڪ اهڙي هٿ ٺوڪي رياست جي اشد ضرورت هئي .جيڪا سندن جي مفادن جو تحفظ وارو ڪم ڪري سگهي.جيتوڻيڪ هنن اسرائيل جي قيام جي صيهوني رياست جي سازش ۾ يهودين جو ساٿ ڏنو.ان سلسلي ۾ مغرب جي ڪردار کي عام طور تي“ڏوھاري“سڏيو ويندو آھي.پر ان ڏوھاري ڪردار جو نمونو ايترو خطرناڪ آھي ته ان جي لاءِ ڏوهاري لفظ نهايت هيڇ ٿي وڃي ٿو.نيٺ ان جو مفهوم ڪهڙو وٺجي.

منهنجي خيال ۾ ان جو هڪ ئي مفهوم ٿي سگهي ٿو. جنهن جو فعل اخلاقي نه هجي ته ان کي قبول به ناهي ڪيو ويندو.فلسطين ۾ اسرائيل جي قيام جو ڪو اخلاقي سبب موجود نه هو.ڇاڪاڻ ته فلسطين عربن جي ملڪيت هو ۽ اهي اڍائي هزار سالن کان ان جا مالڪ بڻيل هئا.پر افسوس ته فلسطينين جي بجاءِ اسرائيلي ان جا مالڪ بڻجي ويا.ايستائين ته فلسطين جا حقيقي مالڪ قابض ڏيک ڏيڻ لڳا ۽ قبضو ڪندڙن حقيقي مالڪ جي صورت اختيار ڪري ورتي.اهم ڳالهه اها آھي ته ان سلسلي ۾ ڪو شڪ موجود نه هو. پر باوجود ان جي سموري مغرب سرعام يهودين جو ساٿ ڏنو.

جيتوڻيڪ اسرائيل جي قيام جا جيترا ذميوار يهودي آھن.انهن کان به وڌيڪ ذميوار مغرب به آھي.يهودين جي دعويٰ آھي ته اڍائي هزار سال اڳ فلسطين جي سرزمين سندن جي هئي ۽ هتي انهن جي حڪومت هئي. پر ان قسم جي دعوي جي لاءِ ضروري آھي ته تاريخ زنده هجي ۽ ان جو تسلسل به برقرار هجي. پر فلسطين جي سرزمين تي يهودين جي تاريخ نه زنده تاريخ آھي نه اسرائيل جي قيام جي وقتان جو تسلسل برقرار هو ۽ اها ڳالهه يهودين جيان نام نهاد مغرب کي به معلوم هئي.پر نام نهاد مغرب يهودين جي اسرائيل جي سلسلي ۾ سامهون اچڻ واري تاريخي دعوي کي به قبول ڪري ورتو. اسرائيل جي قيام جو ڪو سياسي ۽ جهموري سبب به موجود نه هو. اسرائيل جي لاءِ ڪاسياسي يا جهموري جدوجهد موجود نه هئي.جنهن جو سبب اهو هيو ته فلسطين ۾ يهودين جي نه بلڪ عربن جي اڪثريت هئي.۽ اقليت اڪثريت جي علائقي ۾ ھڪ الڳ ملڪ جو مطالبو نٿي ڪري سگهي. پر يهودين اقليت هئڻ جي باوجود ڪنهن سياسي يا جهموري جدوجهد جي اسرائيل کي قائم ڪري ورتو. مغرب اسرائيل کي ان ريت تسليم ڪري ورتو ڄڻ اسرائيل ڊگهي سياسي ۽ جهموري جدوجهد کانپوءِ قائم ٿيو.

سو ڏٺو وڃي ته اسرائيل جي قيام جو ڪو قانوني سبب به نه هو.عالمي قانونن ۾ ڪٿي به اسرائيل جهڙي رياست جي قيام جو سبب موجود نه هو.خاص ڳالهه اها ته عالمي قانون عربن جا نه بلڪ مغرب جي ٺاهيل آھن. پر مغرب اسرائيل جي قيام جي سلسلي ۾ عالمي قانونن جي پرواهه نه ڪئي. هنن ان سلسلي ۾ اعلان ڪيو بالفور کي سڀ ڪجهه سمجهيو. ان صورتحال جو مفهوم اهو آھي ته مغرب ڪنهن اخلاقي، تاريخي ۽ قانون جي بنا اسرائيل کي زوريءَ مڙھيو. ان منظرنامي ۾ نه ڪٿي تهذيب موجود آھي.نه علم ۽ نه وري عقل. ان جون معنائون اهي آھن ته مغرب اسرائيل جي سلسلي ۾ پنهنجي سڃاڻپ جي هر پاسي نفي ڪئي  آھي.سوال اهو آھي ته مغرب اسرائيل جي سلسلي ۾  اهڙي روش ڇو اختيار ڪئي؟ ان سوال جو هڪ ئي جواب آھي ۽ اهو هي ته اسرائيل جي انڌي حمايت جي بنا مغرب وچ.اوڀر ۾ پنهنجي مفادن جو تحفظ نٿي ڪري سگهيو هو.ته جنهن کان پتو پيو ته مغرب جي لاءِ اصل شيءَ نه اخلاق آھي .نه تاريخ، نه سياست ۽ نه جهموري قانون آھي نه بين الاقوامي برداردي جي راءِ جو احترام ان ڪري انهن جي لاءِ جيڪڏھن ڪجهه اهم آھي ته اهي ان جا صرف مفاد ئي آھن.

جيتوڻيڪ برطانيه جي دارالعلوم فلسطين جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي هئي. ۽ يورپ جي هڪ اهم ميمبر ملڪ سويڊن فلسطين کي هڪ رياست جي حيثيت سان تسليم ڪري ورتو هو.اسرائيل سويڊن جي ان طرز عمل کي افسوس جوڳو قرار ڏنو هو ۽ امريڪا ان کي ”وقت کان اڳ“باور ڪرايو هو. پر غزه جي ماڻھن جي مزاحنت امريڪي اثرن کان هڪ حد تائين محفوظ يورپي مظاهرن کي فلسطين جي حوالي کان گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.ان جي هڪ نشاني سويڊن جي پرڏيهي وزير عورتا مارگوٽ وال اسٽروم جو هڪ مضمون آھي.ان مضمون ۾ اسٽروم ٻڌايو آھي ته انهن ملڪن ڪن سببن جي ڪري فلسطين جر رياست کي قبول ڪيو آھي.ان جي مطابق فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جو هڪ سبب اهو آھي ته فلسطين ۾ انتها پسندن جي مقابلي ۾”ماڊريٽ“ خيال جي طاقتن کي سگهه ميسر ڪرڻ چاهي ٿو. فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو ٻيو سبب سويڊن جي پرڏيهي وزير اهو بيان ڪيو آھي ته اها ڌرين کي گهٽ اڻبرابري بنائڻ چاهي ٿي. فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو ٽيون سبب اهو آھي ته فلسطين جي ماڻھن ۾ مستقبل جي حوالي کان اميد پيدا ڪئي وڃي ۽ انهن کي ٻڌايو وڃي ته صرف تشدد انهن جو مستقبل ناهي بلڪ ان جو متبادل به موجود آھي.يعني اهو متبادل رياست جي برابري واري صورت ۾ موجودگي آھي. فلسطين جي سلسلي ۾ يورپ جواهو طرز عمل بهتر ناهي.پر ان جي موجودگي بجاءِ پاڻ معني خيز آھي.۽ ان کان گهٽ ۾ گهٽ ايترو معلوم ٿي رهيو آھي ته  اسرائيل جي مڪمل انڌي حمايت يورپ جي لاءِ ٻوجهه بنجڻ لڳي آھي.

غزه ۾ حماس جي تازي مزاحمت مغرب ۾ وڏن وڏن مظاهرن جو رستوصاف ڪيو آھي.امريڪا ۽ ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ لکين ماڻھو فلسطينين جي حق ۾ رستن تي نڪري آيا آھن ۽ ھنن اسرائيل جي بدترين جارحيت جي شديد مذمت ڪئي.مگر بدقسمتي سان اهو ردعمل صرف عوام ۾ موجود آھي.مغرب جو حڪمران طبقو هينئر تائين صيهونيت جي محبت ۾ گرفتار آھي. پر حماس جي شديد مزاحمت امريڪا جي صدر جوبائيڊن کان چورايو آھي ته فلسطين جي مسئلي جو حل ٻه رياستي فارمولو آھي. حماس جي بي مثال مزاحمتي جدوجهد نه هجي ها ته مغرب جو اهو رد عمل به سامهون نه اچي ها.

ويچار ڪيو وڃي ته اسرائيل ۽ فلسطينين جي سلسلي ۾ مغرب جو رد عمل ڪيترن ئي مرحلن کان گذريو آھي.اسرائيل ۽ فلسطينين جي سلسلي ۾ مغرب جي رد عمل جو پهريون مرحلو اسرائيل کي سگهه ميسر ڪرڻ ۽ فلسطينين کي نظر انداز ڪرڻ ھو.جيتوڻيڪ مغرب هڪ پاسي اسرائيل کي تسليم ڪيو ته ٻئي پاسي هنن فلسطين کي نظرانداز ڪيو.هنن پي ايل او کي هڪ عرصي تائين فلسطين جي نمائنده پارٽي تسليم نه ڪيو.بلڪ اهي ياسر عرفات ۽ پي ايل او کي دهشتگرد قرار ڏيندا رهيا.ڇاڪاڻ ته ياسر عرفات ۽ پي ايل او جي غلطي اها هئي ته اهو سرد جنگ جي زماني ۾ مغرب جي بجاءِ سوشلسٽ ڪيمپ جو حصو هو. پر هو فلسطيني عوام جو نمائندو ۽ ان جي اڪثريت جو ترجمان هو.باوجود ان جي اها ڳالهه مغرب جي لاءِ اهم نه هئي.

اسرائيل ۽ فسلطينين جي باري ۾ مغرب جي روش ۽ ٻيو مرحلو اهو هيو ته جنهن مغرب اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ ڳالهين تي راضي ٿيو ۽ امريڪا وچ ۾ مرڪزي ٺاهه جو ڪردار ادا ڪيو.ان مرحلي ۾ ياسر عرفات کي شيشي جي بوتل ۾ لاٿو  ۽ ھن کي اسرائيل سان امن ٺاهه تي راضي ڪيو.ان مرحلي ۾ ياسر عرفات مغرب جي نظر ۾ ”ماڊريٽ“سڏيو ۽ حماس تي هنن دهشتگردي جو ليبل هڻي ڇڏيو. جيتوڻيڪ ياسر عرفات اوسلو امن ٺاهه تي صححيون ڪري پنهنجي سڄي زندگي جي ساک کي تباهه ڪري ڇڏيو.پر پاڻ ۽ ھن جا اتحادي اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ ”غيرجانبدار“ نه هئا. انهن جو لاڙو چٽي طور تي اسرائيل جي حق ۾ ھو.اهوئي ئي سبب هئو ته اسرائيل جڏھن اوسلو ٺاهه ناڪام ڪري دفن ڪيو ته امريڪا ۽ يورپ ان تي ڪو اعتراض نه ڪيو.جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته امريڪا هڪ غير جابدار ٺاهه ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ وچ اوڀر ۾ اسرائيل جا ارادا وڌيڪ جارحاڻا ٿي ويا ان جو اظھار غزه جي باشدن تي مڙھيو ويو.

جارحيت جي پنجاه ڏينهن ۾ هڪ هزار مسلمانن کي شھيد ۽ ڏھ ھزارن کان وڌيڪ کي زخمي ڪيو ويو.پر ان جارحيت ۽ ان جي مقابلي جي حوالي کان سامهون واري حماس ۽ غزه جي ماڻھن جي ارادن جي مضبوطيء يورپ جي ڪن ملڪن ۾ هڪ نئون ردعمل پيدا ڪيو آھي.ان ردعمل جي دائري ۾ اسرائيل هڪ وحشي طاقت بڻجي ڪري اڀريو آھي ۽ ان کي ڪي يورپي ملڪ محسوس ڪري رهيا آھن ته ٻن رياستي حل کي يقيني بڻائڻ بنا وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.