عمران خان بشريٰ بي بي سان گڏ ڪمري ۾ هليو ويندو هو ۽ مون کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا: گهريلو ملازم جو بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي چئن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي سول جج قدرت الله غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جي گهريلو ملازم محمد لطيف پنهنجو بيان درخواستگذار وڪيل رضوان عباسي جي موجودگي ۾ قلمبند ڪرايو.
محمد لطيف بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته عمران خان بشريٰ بي بي جي گهر ايندو هو ۽ هو بشريٰ بي بي سان گڏ ڪمري ۾ هليو ويندو هو، مان ڪمري ۾ ويندو هيس ته عمران خان گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو، مون کي ٻئي چوندا هئا ته ڪمري مان نڪري وڃ.
هن چيو ته خاور مانيڪا سان گذريل 35 سالن کان گهريلو ملازم آهيان، پراڻو ملازم آهيان، تنهن ڪري ان جو مون سان ڪنهن قسم جو پردو ناهي، ان جا ٻار به منهنجي هٿن ۾ وڏا ٿيا، مان گهر جي ڀاتي وانگر آهيان، عمران خان خاور مانيڪا جي بني گالا واري گهر ۾ 2015 ۾ اچ وڃ شروع ڪئي، ايندڙ هڪ ٻه سالن ۾ اچ وڃ وڌي وئي.
سندس موجب عمران خان سدائين خاور مانيڪا جي غير موجودگي ۾ گهر ايندو هو، خاور مانيڪا کي جڏهن بشريٰ بي بي سان ڳالهائڻو هوندو هو ته ان جي فون بند هوندي، پوءِ هو مون کي فون ڪندو هو، ان تي خاور مانيڪا ۽ بشريٰ بي بي ۾ جهيڙا شروع ٿيا.
شاهد بيان ۾ چيو ته نيٺ 2017 ۾ خاور مانيڪا بشريٰ بي بي کي طلاق ڏئي ڇڏي، جڏهن خاور مانيڪا کي ڳالهرائڻ بشريٰ بي بي ڏي فون کڻي ويندو هيس ته هو ڇنڊ پٽيندي هئي، خاور مانيڪا نه هجي ها ته شايد بشريٰ بي بي مون کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏي ها.
جج سوال ڪيو ته ڇا توهان ايترا روئي روئي ڪمزور ٿي ويا آهيو؟ ڇا اڳوڻو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي توهان کي ڪمري ۾ گڏ ويهاريندا هئا؟
شاهد محمد لطيف چيو ته مون کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ڪمري ۾ گڏ نه ويهاريندا هئا، مون کي خاور مانيڪا چوندو هو ته وڃي انهن کي ڏس.
پوءِ عدالت ڪيس ٻڌڻي جوڳو هجڻ يا نه هجڻ تي دليل طلب ڪري ورتا ۽ ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.