عمران اشرف مون کي ڇڏيو آئون نه:ڪرن اشفاق حسين ڊار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊرامه انڊسٽري جي مشهور اداڪار عمران اشرف جي اڳوني زال ڪرن اشفاق حسين ڊار ٻي شادي تي تنقيد ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي.
ڪرن اشفاق حسين ڊار جي نالو گذريل هفتي پ پ اڳواڻ حمزا چوڌري سان شادي ڪرڻ کان پوءِ خبرن جي زينت بڻيل آهي.
ان جوڙي جي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل آهن.
ڪرن اشفاق حسين پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي به پنهنجي نڪاح جون تصويرون شيئر ڪيون هيون.
شيئر ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز تي جتي ان جوڙي کي واڌايون ڏنيو پيون وڃن اتي ئي ڪجهه واهپيدارن ڪرن اشفاق کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
هڪ واهپيدارن تنقيد ڪندي لکيو ته ايترو جلدي ته اسان بريڪ کان موو ناهيون ڪندا. جنهن تي چٽو جواب ڏيندي ڪرن اشفاق حسين چيو ته مطلب آئون ويهي رهان ها، منهنجي ماءُ ۽ پيءُ مون کي اڪيلو ڏسي روئن ها، پريشان رهن ها، شادي نه ڪريان ها، بس طلاق جي نالي تي ويهي رهان ها.
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته هونئن عمران اشرف وڌيڪ پيارو هو. ڪرن اشفاق ان واهپيدارن کي به نه ڇڏيو، هن لکيو ته هن مون کي ڇڏيو هو آئون نه، الله مون کي بهتر انسان سان نوازيو آهي.
عمران اشرف ۽ ڪرن اشفاق جي شادي 2018ع ۾ ٿي هئي. 2022ع ۾ ٻنهي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا هئا. جنهن جو باضابطا اعلان ڪرن اشفاق پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪيو هو.
ڪرن اشفاق حسين ڊار جو مڙس حمزا علي چوڌري هڪ ڪارپوريٽ وڪيل ۽ نوجوان سياستدان آهي.
حمزا علي چوڌري اڳوڻو پاڪستان ڪرڪيٽر به رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.