لکين نان فائلرز کي نوٽيس جاري، ايندڙ مرحلي ۾ موبائل فون سم بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 7 لک کان ڌيڪ نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
ايف بي آر ذريعن موجب ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن کي نوٽيس آءِ ايم ايف جي رهنمائي کانپوءِ جاري ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نان فائلرز کي نوٽيس بئنڪن ۽ بجلي جي بلن موجب جاچ ڪري موڪليا ويا آهن، ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن کي چيو ويو آهي ته اهي فوري طور تي گوشوارا جمع ڪرائين.
ذريعن موجب نوٽيس کانپوءِ ٽيڪس جمع نه ڪرائيندڙن جي موبائل فون سم بلاڪ ڪئي ويندي، ٻئي مرحلي ۾ ٽيڪس نه ڏيندڙن جا بجلي ڪنيڪشن ڪاٽيا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر هن سال 10 لک کان وڌيڪ نون ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو هدف رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.