اجي ديوگن فلم جي شوٽنگ دوران زخمي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن فلم ”سنگهم اگين“ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار اجي ديوگن پنهنجي هٽ فلم سيريز سنگهم جي سلسلي جي نئين فلم ”سنگهم اگين“ جي شوٽنگ دوران فائيٽ سين ڪرائيندي زخمي ٿيو.
اداڪار جي اک ۾ ٺونشو لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن تي فوري طور تي فلم جي سيٽ تي ڊاڪٽر کي طلب ڪيو ويو. اجي ديوگن جي زخمي ٿيڻ بعد شوٽنگ کي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو. اجي ديوگن سنگهم اگين ۾ به پوليس انڪسپيڪٽر جو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.