ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن جي ڌار ٿيڻ جا افواهه

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار اڀيشيڪ بچن جي شادي جي منڊي نه پهرڻ تي سندس زال ايشوريا راءِ سان عليحدگي جا افواهه زور وٺي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪار اڀيشيڪ بچن هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته سندس آڱر ۾ هر وقت رهندڙ شادي جي منڊي غائب هئي. اڀيشيڪ جي منڊي نه پهرڻ تي سوشل ميڊيا تي اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن وچ ۾ عليحدگي بابت افواهن جي بازار گرم ٿي وئي.
گذريل ڪجهه عرصي کان بالي ووڊ جو اسٽار جوڙو ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن ڪنهن به عوامي تقريب ۾ گڏ نظر ناهن آيا.گذريل مهيني ايشوريا راءِ ڌيءَ سان گڏ پنهنجي سالگرهه جي تقريب جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون پر انهن تصويرن ۾ به بچن خاندان جو ڪو به فرد موجود نه هو.
اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ جي شادي 2007 ۾ ٿي هئي ۽ هنن کي 2011ع ۾ ڌيءَ اراڌيا بچن ڄائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.