ڊاڪٽر عافيه صديقي کي جيل ۾ ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
اهو انڪشاف عافيه صديقي جي وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ ڪيو، جنهن چيو آهي ته پاڪستان حڪومت انهن واقعن کان آگاهه آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪلائيو اسٽيفورڊ چيو ته مون کي عافيه صديقي جنسي زيادتي جو ٻڌايو، جنهن کانپوءِ شڪايت داخل ڪئي وئي، کيس جيل جي گارڊن گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته جيل جي قيدين کيس ڪيترائي ڀيرا جنسي هراساني جو نشانو بڻايو.
هن چيو ته هڪ آمريڪي طور مان اها ڳالهه ڪندي شرمندو آهيان، جيڪو ورتاءُ عافيه صديقي سان ڪيو پيو وڃي، اهو بيان ڪرڻ جهڙو ناهي.
سندس چوڻ هو ته عافيه صديقي جون شڪايتون ڳڻتيءَ جوڳيون ۽ سڀ سچ آهن، هن وقت آمريڪي جيلن ۾ 10 هزار 250 عورتون آهن، انهن سڀني مان سڀ کان برو ورتاءُ عافيه صديقي سان ڪيو ويو.
وڪيل چيو ته پاڪستان حڪومت کي ٻه ڀيرا زيادتي جو ٻڌايو، هاڻ مان کين يقيني طور ڇرڪائيندڙ تفصيلن کان به آگاهه ڪندس، عافيه جي حفاظت ڪرڻ منهنجو فرض آهي، مان جيڪو ڪري سگهان ٿو اهو ڪري رهيو آهيان ۽ مان هڪ آمريڪي آهيان ۽ عافيه سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي معذرت ڪيان ٿو.
ڪلائيو اسٽيفورڊ وڌيڪ چيو ته اهو پاڪستان حڪومت جو ڪم آهي ته عافيه کي واپس آڻي، پاڪستان حڪومت ناڪام آهي، پاڪستان حڪومت کي عافيه جو معاملو آمريڪا سان ترجيح بڻائڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.