ناڻي واري وزارت اليڪشن ڪميشن کي چونڊن لاءِ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ناڻي واري وزارت عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا.
ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اليڪشن ڪميسن کي 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.
پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ناڻي واري وزارت ان کان اڳ 10 ارب رپيا جاري ڪيا هئا ۽ هيل تائين گڏيل طور تي اليڪشن ڪميسن کي 27 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري ٿي چڪا اهن.
واضح رهي ته بجيٽ ۾ اليڪشن لاءِ 42 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا. گذريل ڏينهن ان حوالي سان ناڻي واري سيڪريٽري اليڪشن ڪميسن ۾ ملاقات به ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.