عمران خان کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ بابت ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا سلطان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شعيب ۽ پٽيشنر خالد محمود ايڊووڪيٽ به اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو.
وڪيل شعيب شاهين اليڪشن ڪميسن کي ٻڌايو ته اسان انٽرا پارٽي چونڊن جو رڪارڊ اليڪشن ڪميسن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻي ان ڪيس کي ختم ٿيڻ گھرجي. قانوني طور تي اهو معاملو ختم ٿي ويو آهي ڇو جو پارٽي جو نئون چيئرمين اچي ويو آهي. جيڪڏهن اوهان ان ڪيس کي هلائڻ چاهيو ٿا ته اڪبر ايس بابر پٽيشن داخل ڪري رهيو آهي ان سان گڏ هلايو.
چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان خالد محمود کي موقعو ڏئي رهيا آهيو ته هو نئين چيئرمين جي خلاف به پٽيشن داخل ڪري.
خالد محمود استدعا ڪئي ته اوهان آرڊر ۾ لکي ڏيو ته اڳوڻو وزيراعظم سزا يافتا آهي ۽ هو پارٽي جو ڪو به عهدو نٿو رکي سگھي جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته باني پي ٽي آءِ چيئرمين چونڊون ئي نه وڙهيو ان ۾ اسان ڪجهه نٿا چئي سگھون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.