ڪراچي مان غيرقانوني چارجڊ پارڪنگ ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ غيرقانوني چارجڊ پارڪنگ جي معاملي تي ڪي ايم سي کي چارجڊ پارڪنگ بابت قانون، پارڪنگ فيس جي وصولي ۽ ٻيا تفصيل ۽ گڏيل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ غيرقانوني چارجڊ پارڪنگ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت ڪي ايم سي اختيارين کان سوال ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت اوهان پارڪنگ فيس وصول ڪندا آهيون؟
ڪي ايم سي جي وڪيل موقف ڏنو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ڪي ايم سي کي روڊ مينٽيننس لاءِ پارڪنگ فيس جي وصولي جي اجازت آهي، ڪي ايم سي کي 41 روڊ ۽ سروس روڊز تي پارڪنگ فيس وصول ڪرڻ جي اجازت آهي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪي ايم سي جي نالي تي اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي ڪيئن پارڪنگ فيس جي وصولي کان روڪيندئو؟ پرڏيهي ملڪن ته پارڪنگ جي فيس لاءِ مشينون لڳايون آهن، ڇا ڪي ايم سي سڀني علائقن مان فيس وصول ڪري سگھي ٿي؟ ڇا عدالت کي ٻڌائڻو پوندو ته اوهان جي ذميواري ڪهڙي آهي؟
ڪي ايم سي جي وڪيل موقف اپنايو ته ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي ڌار ڌار پارڪنگ مختص آهي.
جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته ڪي ايم سي جي رپورٽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، رڳو ڪاغذي ڪارروائي سان مسئلو حل نه ٿيندو. درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته ويب سائيٽ تي ڏنل تفصيل به حقيقتن جي ابتڙ آهن.
جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته اسان کي 43 مقامي هنڌن جي فرست ڏني وئي ۽ ويب سائيٽ تي 81 سائيٽس آهن، پارڪنگ جي حوالي سان عدالتي فيصلا موجود آهن انهن تي عملدرآمد ڇو نٿو ٿئي؟ جيڪي علائقا ڪي ايم سي جي حدن ۾ ناهن اوهان اتان ڪيئن ٿا فيس وصول ڪري سگھو؟ اوهان انهن علائقن جي روڊن جي مرمت نٿا ڪري سگھو ته ان جي فيس ڪهڙي قانون تحت وصول ڪري رهيا آهيون؟ اسان کي تفصيلي جواب گھرجي جتي پارڪنگ نه هجڻ گھرجي اتي اجازت ڪيئن ٿي ڏني وڃي.
عدالت ڪي ايم ايم سي کي غير قانوني پارڪنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت ڪي ايم سي اختيارين کان پارڪنگ جو قانون، پارڪنگ فيس جي وصولي ۽ ٻيا تفصيل ۽ گڏيل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.