سڪرنڊ ويجهو حادثو، ٽي سڳا ڀائر فوت، هڪ ڄڻو زخمي

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سڪرنڊ ڀرسان سرھاڙي ويندڙ روڊ ٻاٺو شاخ وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽي  پورھيت ڀائر 18ورھين جو شمن خاصخيلي، 40 ورھين جو گلشير ۽ 24 ورھين جو منور خاصخيلي ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته آصف ولد شاھ محمد خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو. ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ايمبولينس ذريعي فوتين جا مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته فوتي ۽ زخمي سڳا ڀائر آھن  جيڪي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ نبي بخش خاصخيلي جا رھواسي آھن. جيڪي صبح سوير موٽرسائيڪل تي ڪيلي جي مزدوري لاءِ وڃي رھيا هئا ته حادثو پيش آيو، فوتين جي پيءُ شاهه محمد خاصخيلي چيو ته مان پنهنجي ٻچن کي چيو ته اڄ مزدوري تي نه وڃو ته چيئون بابا جلدي موٽي ٿا اچون پر هو موٽي نه آيا ۽ هميشه لاءِ هليا ويا.  پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.