سائنسدانن اهڙو سيارو دريافت ڪيو آهي جيڪو هنن جي خيال ۾ موجود ئي نه هجڻ گھرجي ها.
اهو سيارو اسان جي زمين کان 13 ڀيرا وڏو آهي ۽ اسان جي سج کان 9 ڀيرا ننڍي ستاري جي چوڌاري گھمي رهيو آهي، جنهن سائنسدانن جو مٿو ڦيرائي ڇڏيو آهي.
هونئن ته سياري جو ڪاٿو حيران ڪندڙ ناهي پر تمام ٿڌي ستاري جي چوڌاري ان جو ڦرڻ سائنسدانن لاءِ حيران ڪندڙ آهي.
ايل ايڇ ايس 3154 نالي اهو ستارو ڪائنات جي ڪجهه سڀ کان ننڍن ۽ ٿڌن سيارن مان هڪ آهي.
ان حوالي سان تحقيق جنرل سائنس ۾ ڇپيل آهن.
تحقيق ۾ چيو ويو ته ان دريافت سان اندازو ٿئي ٿو ته اسان ڪائنات بابت ڪيترو گھٽ ڄاڻون ٿا، ڇو جو اسان ڪڏهن ب ايتري وڏي سياري جي ايتري ننڍي سياري جي چوڌاري ڦرڻ جي اميد نه ڪئي هئي.
ستارا گيس جي وڏن ڪڪرن مان ٺهندا آهن ۽ اهي ڪڪر پنهنجي ڪشش ثقل سب ٿڌا ۽ ٽٽندا رهندا آهن.
نون ٺهندڙ ستارن جي چوڌاري ڦرندي گيس جا ٽڪرا جيئن جو تيئن سيارن جي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن.
پر هيل تائين خيال ڪيو ويندو هو ته سيارا ٺهڻ لاءِ ان مادي جو مقدار ميزبان ستاري جي ڪاٿي جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ هوندو آهي.
محققن موجب اسان ڪڏهن به اميد نه ڪئي هئي ته ڪنهن ننڍي ستاري جي چوڌاري ايترو وڏو سيارو موجود ٿي سگھي ٿو پر اهڙو سيارو هاڻي دريافت ٿي چڪو آهي تنهنڪري هاڻي اسنا کي سيارن ۽ ستارن جي ٺهڻ جي عمل جو وري جائزو وٺڻو پوندو.
ان سياري کي ايل ايڇ ايس 3154 جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان کي Habitable Zone Planet Finder جي ذريعي دريافت ڪيو ويو.
اهو سسٽم اهڙن سيارن کي دريافت ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو اسان جي شمسي نظام کان ٻاهر ٿڌن ستارن جي چوڌاري گھمي رهيا آهن.
اهڙن سيارن ۾ پاڻياٺ جي موجودگي جو امڪان گھڻو هوندو آهي جنهن کي زندگي لاءِ اهم تصور ڪيو ويندو آهي.
ايل ايڇ ايس 3154 بي جو مشاهدو ڪرڻ سان دريافت ٿيو ته هو پنهنجي ميزبان ستاري جي گھڻو ويجهو آهي ۽ اهو رڳو 3.7 ڏينهن جو پنهنجو چڪر مڪمل ڪندو آهي يا ائين چئجي ته ان سياري جي هڪ سال جو دورانيو 4 ڏينهن کان به گھٽ آهي.
محققن موجب جيڪڏهن ڪو ستارو ٿڌو هوندو آهي ته پوءِ سياري کي پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ ان جي ويجهو اچڻو پوندو آهي ته جيئن پاڻياٺ برقرار رهي سگھي.
هن چيو ته اڃا اسان کي اهو به سمجهڻو آهي ته آخر ايتري ننڍي ستاري جي چوڌاري ايترو وڏي سيارو ڪيئن بڻجي ويو جنهن کان پوءِ اسان ڪائنات ٺهڻ جي عمل بابت وڌيڪ سمجهي سگھندئو.
You might also like