ڀاءُ کي باهه مان بچائڻ لاءِ ويل شخص سڙي فوت

برطانيا جي ويسٽ يارڪشائر ڪائونٽي جي بريڊفورڊ لٽل هارٽن جي هڪ گھر ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ پاڪستاني نوجوان فوت ٿي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب واقعو فنچ اسٽريٽ ۾ گذريل ڏينهن صبح جو 5 لڳي 30 منتن تي پيش آيو، جڏهن گھر جي مٿين منزل ۾ باهه لڳي.
فوت ٿي ويل نوجوان پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ مٿين منزل تي ويو جتي باهه جي وڪڙ ۾ اچي ويو، نوجوان جو ڀاءَ ئي اڳ ئي دريءَ تان ٽپو ڏئي ٻاهر اچي چڪو هو جنهن جي ڪري هو باهه کان محفوظ رهيو.
رپورٽن موجب جڏهن باهه لڳي تڏهن گھر ۾ موجود هڪ ماڻهو، هڪ ٻار ۽ عورت اڳ ئي گھر کان ٻاهر اچي چڪا هئا، انهن کي معمولي ڌڪ رسيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پاڙيسرين جو چوڻ آهي ته باهه اي سگريٽ جي چارجر سان لڳي، پر ان حوالي سان پوليس پاران ڪا به تصديق ناهي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.