سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، هر پاسي اجرڪ جي بهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويو، ننڍن وڏن اجرڪ ۽ ٽوپي پائي سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو.
عوامي آواز ميڊيا گروپ جي نعري ”ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي“ تحت سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻين ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي تقريبون ٿيون، ننڍن، وڏن اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پهري ريليون ۽ جلوس ڪڍي پنهنجي ثقافت سان محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو.
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، لاڙڪاڻي، ڄامشوري، جيڪب آباد، دادو، شڪارپور، ٿرپارڪر، ٺٽي، بدين، مٽياري، ٽنڊي محمد خان سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون، نوجوانن، ٻارڙن توڙي ٻڍن ثقافتي گيتن تي رقص ڪري پنهنجي تاريخي ثقافت کي اجاڳر ڪيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪلب نه پر سڄي شهر ۾ هر پاسي ٽوپي ۽ اجرڪ جي بهار هئي، عورتون هجن يا ٻار سڀني جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو، نوجوانن جي سريلن گيتن تي رقص سڀني کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
ڪراچي پريس ڪلب سامهون سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب پڻ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.