واٽس ايپ اسٽيٽس فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي به شيئر ڪري سگھبو

پيغام موڪلڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندڙ دنيا جي سڀ کان مشهور ايپ واٽس ايپ جو اسٽيٽس هاڻي فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي به شيئر ڪري سگھبو.
رپورٽ موجب واٽس ايپ جلد اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي جنهن جي ذريعي واٽس ايپ اسٽيٽس واهپيدار پنهنجي فيسبڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪري سگھندا.
واٽس ايپ واهپيدارن کي پنهنجو اسٽيٽس ٻين پليٽ فارمز تي شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ آپشنل شيئر جو طريقيڪار متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان تي ڪم به شروع ڪيو ويو آهي.
ان نئين فيچر تحت واٽس ايپ واهپيدار هڪ ئي اسٽيٽس کي 3 مختلف پليٽ فارمز واٽس ايپ،فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي گڏ شيئر ڪري سگهندا.
اهو فيچر آپشنل هوندو جنهن جو مطلب اهو آهي ته اوهان چاهيندئو ته ائين ڪري سگھندئو،يعني واهپيدار کي اختيار هوندو ته اهو پنهنجي مرضي سان چونڊ ڪري ته هو واٽس ايپ اسٽيٽس فيسبڪ يا انسٽاگرام تي شيئر ڪرڻ چاهي ٿو يا نه.
ان کانسواءِ واهپيدارن پاران شيئر ڪيل واٽس ايپ اسٽيٽس کي ڪهڙا ماڻهو ڏسي سگھندا، ان ڳالهه جو ڪنٽرول به واهپيدار کي هوندو.
ان جو تعين اسٽيٽس جي پرائيويسي ۾ وڃي ڪري سگھبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.