اهم آمريڪي عهديدار جلد پاڪستان جو دورو ڪندا: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهم آمريڪي عهديدار پاڪستان جو دورو ڪندا.
ممتاز زهرا بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي مشاورت جاري آهي، مشاورتي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ دورا به ٿيندا آهن.
هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهم آمريڪي عهديدارن جا پاڪستان جا دورا به ٿي رهيا آهن، آبادي، پناهگيرن ۽ مائيگريشن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري پاڪستان جو دورو ڪندي.
سندس چوڻ هو ته جوليٽا والس نوئيس 4 کان 6 ڊسمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندي، افغانستان لاءِ خاص نمائندو ٽام ويسٽ 7 کان 9 ڊسمبر تائين اسلام آباد جو دورو ڪندو، جڏهن ته پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ جو دورو 9 کان 12 ڊسمبر تائين هوندو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آمريڪي عهديدارن جا دورا رڳو افغانستان سان مسئلن تائين محدود ناهن، اهي دورا آمريڪا سان افغانستان جي صورتحال سميت ڪيترن ئي مسئلن تي جاري ڳالهين جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.