چيٽ جي پي ٽي جو استعمال ته مختلف مقصدن لاءِ ڪيو پيو وڃي پر ڪنهن سوچيو به نه هو ته هٿرادو ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) اي آءِ ٽيڪنالاجي چيٽ بوٽ کان قانونسازي به ڪرائي سگھجي ٿي.
ائين برازيل ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي.
برازيل جي ڏاکڻي شهر پورٽو اليگري جي سٽي ڪائونسل جي هڪ ميمبر قانونسازي لاءِ چيٽ جي پي ٽي جو استعمال ڪيو.
روميرو روسيرو ن الي سٽي ڪائونلس جي ميمبر انڪشاف ڪيو ته آڪٽوبر ۾ منظور ٿيل قانونسازي هن چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان لکي.
هن چيٽ جي پي ٽي کي چيو ته اهو هڪ اهڙو دستاويز تيار ڪري جنهن سان اها ڳالهه يقيني ٿي سگھي ته ٽيڪس ڏيندڙن کي پاڻي جي ميٽر تبديل ڪرڻ تي واڌو ادائگي نه ڪرڻي پوي.
هن اهو دستاويز 35 رڪني سٽي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو، پر اهو نه ٻڌايو ته ان کي ڪيئن تيار ڪيوويو آهي.
هاڻي هن هڪ انٽرويو دوران اهو انڪشاف ڪيو.
روميرو روسيرو ٻڌايو ته سندس خيال هو ته جيڪڏهن هو ٻين ميمبرز کي ٻڌائي ها ته ان تي ووٽنگ جو ڪو امڪان نه هو.
هن وڌيڪ چيو ته اها ناانصافي هوندي جيڪڏهن عوامي مفاد جي منصوبي کي ان لاءِ رد ڪيو وڃي ها ڇو جو ان کي ٽيڪنالاجي لکيو آهي.
اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جو قانونسازي لاءِ اي آءِ چيٽ بوٽ کي استعمال ڪيو ويو هجي.
آمريڪي جي بالا ايوان جي هڪ ميمبر به هڪ بل لکڻ لاءِ چيٽ جي پي ٽي جو استعمال ڪيو هو، پر اهو اڃا تائين منظور ناهي ٿيو.
You might also like