سمنڊ جي اندر ٺهيل مجسمن جو پارڪ دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل

دنيا جو پهريون پاڻي هيٺ ٺاهيل مجسمن جو پارڪ پهريان کان وڌيڪ بهتر ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ اهو هڪ ڀيرو وري ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
ڪيريبين ملڪ گريناڊا ۾ دنيا جو پهريون انڊر واٽر پارڪ برطانوي مجسمه ٺاهيندڙ ماحوليات ماهر جيسن ڊي ڪيرس ٽيلر 2006ع ۾ بڻايو هو.
هاڻي ان پارڪ ۾ 31 نوان مجسما شامل ڪيا ويا آهن،اهو گريناڊا جي آزادي جي علامت سمجهي ويندڙ انساني شڪل جا مجسما آهن جن کي ٻيٽ جي اولهندي سامونڊي پٽي تي سمنڊ ۾ آبي جيوت جي مختص هنڌ تي رکيو ويو آهي.
انهن مجسمن کي ڇو ٺاهيو ويو؟
مقامي سياحت واري وزارت موجب انهن مجسمن جو مقصد گريناڊا جي ثقافت ۽ تاريخ کي ظاهر ڪرڻ آهي.
گريناڊا ۾ رنگ برنگي لباس ۽ نقاب جو استعمال مقامي ثقافت جو حصو آهي ۽ انهن مجسمن کي به انهن روايتن کي نظر رکي ڊزائين ڪيو ويو آهي ۽ ان کي مرجان ڪارنيول (تقريب) لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
انهن مجسمن کي جزوي طور تي برطانيا ۾ تعمير ڪيو ويو هو، جن جي تياري لاءِ فنڪارن پنهنجين بهترين صلاحيتن جو اظهار ڪيو آهي.
ڇا اهي مجسما ماحول دوست آهن؟
اهي مجسما اسٽين ليس اسٽيل ۽ پي ايڇ سامونڊي سيمينٽ سان بڻايا ويا آهن ۽ انهن کي هٿرادو مرجان جي ڇپن جي طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي.
ان ۾ سوراخ ۽ پناهه گاهون موجود آهن جن کي سامونڊي جيوت آڪٽوپس ۽ لابسٽرز پنهنجي رهائشگاهه جي طور تي استعمال ڪري سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.