ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي حڪومت اسڪولن ۾ موبائل فونز جي استعمال تي پابندي مڙهي ڇڏي.
نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر ليڪسن اهو اعلان ان وقت ڪيو جڏهن اتي تعليمي معيار ۾ گھٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
ڪجهه عرصو اڳ نيوزيلينڊ جي اسڪولن کي دنيا ۾ بهترين تصور ڪيو ويندو هو پر پوءِ اتان جي تعليمي معيار ۾ گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.
وزيراعظم ڪرسٽوفر ليڪس چيو ته اسڪولن ۾ موبائيل فونز تي پابندي سان شاگردن جو رويو بهتر ٿيندو ۽ انهن کي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ ۾ مدد ملندي.
You might also like