سڪرنڊ:روڊ حادثي ۾ 3 سڳا ڀائر فوت، هڪ زخمي

سڪرنڊ (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ ۾ تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڀائر ٿڏي تي فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
سرهاڙي لنڪ روڊ تي ٻاٺو شاخ وٽ حادثي ۾ 18ورھين جو شمن خاصخيلي، 40 ورھين جو گلشير خاصخيلي ۽ 24 ورھين جو منور پٽ شاھ محمد خاصخيلي فوت ٿي ويا، جڏھن ته آصف زخمي ٿي پيو
ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ايمبولينس ذريعي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال آندو ويو.
زخمي آصف خاصخيلي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس نواب شاھ اسپتال نيو ويو آھي
ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته فوتي ۽ زخمي سڳا ڀائر آھن جيڪي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ نبي بخش خاصخيلي جا رھواسي ھئا
ڀائر موٽرسائيڪل تي ڪيلي جي مذدوري لاءِ وڃي رھيا هئا ته حادثو پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.