عمران پنهنجي ڪرسي زرداري جي تيار ڪيل هيري حوالي ڪري ڇڏي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ڪرسي زرداري جي تيار ڪيل هيري حوالي ڪري ڇڏي، اهو پي ٽي آءِ ليڊرن ۽ ڪارڪنن لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي.
ن ليگ اڳواڻ سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جي نئين چونڊيل چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان جو چونڊ پوسٽر شيئر ڪيو، جڏهن هو پ پ طرفان قومي اسيمبلي جي سيٽ جو اميدوار هو ۽ لکيو ته تحريڪ انصاف جي نئين چيئرمين جو 2008 کان 2022 تائين 14 سال آصف زرداري قائد رهيو، هو 2022 ۾ پي ٽي آءِ ۾ آيو.
هن طنز ڪندي چيو ته هڪ سال اندر عمران خان کي زرداري جو تيار ڪيل هيرو پسند آيو ته پنهنجي ڪرسي ان حوالي ڪري ڇڏيائين، پنهنجي غير حاضري ۾ هو پراڻن ساٿين تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن شخص سڄي عمر ماڻهن کي دوکا ڏنا هجن، ان لاءِ ٻين تي اعتبار ڏکيو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.