شاهين آفريدي ڊيوڊ وارنر کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي آسٽريلوي بيٽر ڊيوڊ وارنر کي خبردار ڪندي چيو آهي ته کيس آخري ٽيسٽ سيريز يادگار نه بڻائڻ ڏيندس.
ڪينبرا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهين آفريدي چيو ته ڊيوڊ وارنر جو ڪرڪيٽ ڪيريئر شاندار آهي، هو ٽنهي فارميٽن جو بهترين رانديگر آهي، وارنر لاءِ نيڪ خواهشون آهن پر پراميد آهيان ته هو پاڪستان خلاف سٺو پرفارم نه ڪندو.
هن چيو آسٽريليا مضبوط اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي پر پاڪستان ٽيم ان چئلينج لاءِ تيار آهي، اسان وٽ سينيئرن ۽ جونيئرن جو سٺو ڪامبينيشن موجود آهي، هتان جي ڪنڊيشن آسان ناهي هوندي، خاص طور ايشيائي ٽيمون ڏکيائين کي منهن ڏينديون آهن پر اسان سٺي ڪارڪردگي لاءِ پراميد آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.