آبادگارن لاءِ نئين پريشاني، ڀاڻ جي اگهه ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀاڻ جي اگهه ۾ هڪ هفتي دوران وڏي واڌ ٿي وئي.
سرڪاري دستاويز موجب گذريل هڪ هفتي ۾ يوريا جي 50 ڪلو ٻوري هڪ هزار رپين تائين مهانگي ٿي وئي آهي ۽ ان جي نئين قيمت هاڻ 5 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
دستاويز موجب تازي هفتي ۾ پشاور ۾ يوريا ڀاڻ جي قيمت 1000 رپيا وڌي، گوجرانوالا ۾ 500 رپيا، سکر ۾ 300 رپيا مهانگي ٿي.
لاڙڪاڻي ۾ يوريا جي 50 ڪلو ٻوري 195 رپين تائين مهانگي ٿي، لاهور ۾ 100 رپيا، سرگوڌا ۾ 67 رپيا وڌي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.