2023ع لاءِ بهترين ايپس ڪهڙيون آهن؟

سال 2023ع ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ان موقعي تي گوگل هلندڙ سال جي بهترين اينڊرائڊ اپيس جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
ڪمپني پاران سال جي آخر ۾ جاري ڪيل لسٽ ۾ گوگل پلي جي بهترين ايپس جا نالا ڏنا ويا آهن ۽ حيران ڪندڙ طور تي نيون شيون سکڻ ۾ مدد ڏيندڙ تعليمي ايپ امپرنٽ:لرن Visually لسٽ ۾ سڀ کان مٿي آهي.
ٻئي نمبر تي ميوزڪ ايپ Spotify رهي.
ان کان پوءِ ٽيون نمبر چيٽ جي پي ٽي جي نالي رهيو جيڪو ان ڪري حيران ڪندڙ آهي ڇو جو خيال ڪيو ويندو هو ته ان کي سال جي بهترين ايپ قرار ڏنو ويندو.
هڪ سال دوران آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ ٽيڪنالاجي جي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو پر گوگل ان کي ٽئين نمبر تي رکيو.
ان کان پوءِ نوان دوست ٺاهڻ ۾ مدد فراهم ڪندڙ ايپ Bumble For Friends ڇوٿين نمبر تي رهيون.
پنجون نمبر ذهني صحت بابت ايپ Voidpet Garden: Mental Health جي حصي ۾ آيو.
اها ايپ ماڻهن کي پنهنجو خيال رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي جنهن سان ذهني صحت بهتر ٿيندي آهي.
Artifact: Feed Your Curiosity نالي ايپ ڇهين نمبر تي رهي جيڪي نيون شيون سکڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون آهن.
ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ هڪ ٻي ايپ Artifact: Feed Your Curiosity حصي ۾ ستون نمبر آيو.
ڪرڪيٽر اي آءِ نالي ايپ اٺين بهترين ايپ رهي ۽ اي آءِ جي شعبي ۾ ان کي بهترين قرار ڏنو ويو آهي.
PAW Patrol Academy ۽ AWorld جي حصي ۾ ترتيبوار نائون ۽ ڏهون نمبر آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.