مفتاح اسماعيل ڪهڙي پارٽي ۾ ويندو؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي پ پ ۾ شموليت جو امڪان آهي.
پ پ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن جي جماعت جا مفتاح اسماعيل سان معاملا طئي ٿيڻ وارا آهن، هو جلد پ پ ۾ باضابطا طور شموليت جو اعلان ڪندو.
ذريعن موجب مفتاح اسماعيل جي امڪاني شموليت جي معاملي تي پ پ قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويو، پارٽي قيادت جي منظري کانپوءِ مفتاح اسماعيل سان رابطن جي شروعات ڪئي وئي.
واضح رهي ته مفتاح اسماعيل ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ناڻي وارو وزير رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.