پاڪستان وومينز ٽيم نيوزيلينڊ خلاف تاريخي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

ڊونيڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ميزبان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڊونيڊن ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تاريخي ان لاءِ آهي، ڇو ته ٽيم 9 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ نيوزيلينڊ خلاف پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
ميچ ۾ ڪيوي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان ٽيم گهربل هدف 18.2 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، فاسٽ بالر فاطمه ثنا 18 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.