هوائي گدلاڻ اسان جي رڳو ڦڦڙن ۽ ساهه کڻڻ جي عمل کي ئي نقصان پهچائي، هڪ تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته گدلاڻ بُڪين کي به نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي ٿي.
سڄي دنيا ۾ گھڻا شهر اهڙا آهن جيڪي گدلاڻي جي وڪڙ آيل آهن جن ۾ پاڪستاني شهر لاهور ۽ ڪراچي گھڻو ڪري گدلن شهرن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي رهندا آهن جنهن جي ڪري ٻنهي شهرن ۾ ساهه جي مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
ماهرن پاران ٻڌايو ويو آهي ته بُڪيون پيشاب ذريعي رت مان سمورو گند ۽ غير ضروري پاڻياٺ کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ گدلاڻي جي مطالعي مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته صحت لاءِ هاڃيڪار هوا بُڪين جي فلٽرز کي خراب ڪري سگھي ٿي.
گدلي هوا بُڪين تي ڪهڙي طرح سان اثرانداز ٿيندي آهي؟
گدلاڻ سبب بلڊ پريشر جي وڌڻ جو خطرو به وڌي ويندو آهي ۽ هاءِ بلڊ پريشر بُڪين جي بيمارين جو اهم سبب آهي جيڪو بُڪين جي نازڪ رت جي شريانين کي نقصان پهچائي سگھي ٿي.
ان کانسواءِ هوائي گدلاڻ دل تي به اثر ڪندي آهي جنهن جي ڪري شريانيون سخت ٿيڻ سان بُڪين جي رت جو وهڪرو متاثر سگھي ٿو.
گدلاڻ سبب جسم ۾ آزاد ريڊيڪلز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس جي سطح غير متوازن ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري بُڪين تي دٻاءُ وڌي سگھي ٿو.
You might also like