ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلشن معمار ۾ پوليس جي وردي پاتل ڦورن هڪ وڏي واردات ڪئي آهي.
ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ افغان بستي ڀرسان گهر ۾ پوليس وردي پاتل ڦورن وڏي واردات ڪئي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڦورو گهر مان زيور، موبائل فونز ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا، متاثر خاندان موجب ڦورن کي پوليس جون ورديون پاتل هيون ۽ ڪجهه سادي لباس ۾ به هئا، ڦورو گهر مان سي سي ٽي وي فوٽيج به کڻي ويا.
متاثر خاندان ٻڌايو ته هڪ گهر ۾ ڦرلٽ کانپوءِ ڦورو ٻئي گهر ۾ گهڙيا، گهر مان ڪجهه ئي فاصلي تي پوليس چوڪي آهي.
Next Post
You might also like