عورت مٺائي سان ڀريل وين ڦري فرار ٿي وئي

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ عورت هزارين ڊونٽس سان ڀريل وين چوري ڪري فرار ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهو واقعو آسٽريليا جي شهر ڪارلنگ فورڊ ۾ پيش آيو جتي وين ڊرائيور ڊونٽس کي وين ۾ ڀرڻ کان پوءِ رقم جي ڏيڻ لاءِ دڪان ۾ ويو ته پٺيان ڊونٽس سان ڀريل وين چوري ٿي وئي.
پوليس موجب چوري ٿيل ڊونٽس سان ڀريل وين ڪارلنگ فورڊ کان نيوڪاسل واري علائقي ڏانهن وئي جنهن ۾ ڪرسمس جي مناسبت سميت مختلف قسمن جا ڊونٽس موجود هئا.
پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ورتا آهن ۽ گاڏي جي چوري ۾ عورت ملوث آهي جنهن کي واردات ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.
پوليس ٻڌايو ته جيئن ئي ڊرائيور سروس اسٽيشن جي اندر ويو ته انتظار ۾ بيٺل عورت موقعي جو فائدو وٺندي گاڏي جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي گاڏي ڪاهي فرار ٿي وئي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 10 هزار ڊونٽس جي قيمت 40 هزار آسٽريلين ڊالر آهي، پوليس عورت جي ڳولا لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.