هڪ ڏينهن هڪ ئي هنڌ ٻن جهازن سان حادثو

استانا (ويب ڊيسڪ) آفريقا جي اوڀر واري ملڪ تنزانيا ۾ پيش آيل هڪ ڊرامائي واقعي ٻڌندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو.
28 نومبر تي اڱاري جي ڏينهن صبح جو ٻن جهازن کي لينڊنگ گيئر جو مسئلو پيش آيو ۽ ٻئي هڪ هنڌ حادثي جو شڪار ٿيا.
يونائيٽڊ ايئر زنجبار جي جهاز تنزانيه جي ٻيٽ تان اڏام ڀري جنهن ۾ 30 مسافر ۽ عملي جا ٽي ميمبر سوار هئا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پنهنجي منزل (ڪيڪوبوگا ائير اسٽرپ جيڪا تنزانيا جو سڀ کان وڏي نيشنل پارڪ آهي) تائين پهچڻ تي عملي جهاز جي لينڊنگ گيئر ۾ مسئلي جو اطلاع ڏنو.
جهاز لينڊ ڪرڻ جي قابل هو پر غلط حڪمت عملي سبب مين لينڊنگ گيئر ڪري پئي ۽ جهاز رن وي تان هٽي ويو ۽پوءِ فرنٽ گيئر سميت جهاز جي ٻنهي پرن کي نقصان پهتو جنهن جي ڪري جهاز سان حادثو پيش آيو.
پر ان حادثي ۾ ڪنهن جي به زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن مليا.
ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ ڪيڪوبوگا هڪ ٻئي ڊراماني واقعي جو هنڌ بڻجي ويو، سنڊبارڊ ايئر ايمبريئر ڪيڪوبوگا کان زنجبار وڃڻ لاءِ اڏام ڀري رهيو هو ته تيز رفتاري دوران ان جو به لينڊنگ گيئر ڪري پيو.
جهاز جي بيهڻ کان اڳ ان هڪ پر عمارت سان ٽڪرائجي ويو، ان جهاز ۾ به اتفاق سان 30 مسافر ۽ عملي جي 3 ميمبرز سوار هئا ۽ خوش قسمتي سان ان حادثي ۾ به ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.