روسي صدر 15 سيڪڙو فوجي وڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) يوڪرين بابت خطرن کان پوءِ روسي صدر ولاديمير پيوٽن فوجين جي انگ ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي حڪمنامي تي صحيح ڪري ڇڏي.
هڪ بيان ۾ روسي صدر پيوٽن چيو ته روس کي خاص فوجي آپريشن ۽ نيٽو جي لاڳيتو واڌ سبب خطرا آهن.
هن چيو ته ان جي ڪري روسي فوج جي طاقت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب روس جي حاضر سروس فوجين جي انگ ۾ تقريبن هڪ لک 70 هزار فوجي وڌايا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.