نواز شريف کي جديد ترين جهاز تحفي طور ڏنو ويو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هڪ ڪاروباري گروپ تحفي طور جديد ترين قيمتي جهاز ڏنو آهي، جنهن تي نواز  شريف چونڊ مهم هلائيندو. نامياري صحافي راجا عاطف ذوالفقار جو چوڻ آهي. شريف خاندان 2  ڏينهن  اڳ جهاز ۾ سوار ٿي  فضا ۾ چڪر به لڳايو آهي. اهو جهاز آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ مقامي سطح تي هلندو آهي،جنهن ۾ 60 سيٽون هونديون آهن، جهاز جو نالو ” بمباڊيئر چئلينجر ايٽ ففٽي“  آهي ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ ان کي بي آر جي 200 به سڏيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته جهاز تحفي ۾ ڏنو  ويو آهي، ان ڪري ان ۾ 15 سيٽون رکيون ويون آهن،3 ڪئبنون ۽ 2 واش روم به جهاز ۾ آهن ۽ ٻيون جديد سهولتون به آهن، جهاز حبيب رفيق  ڪاروباري گروپ جي اهم شخصيت زاهد رفيق تحفي  طور نواز شريف کي ڏنو آهي. زاهد رفيق جي پٽ  جي ايندڙ مهيني دبئي ۾ شادي  به ٿيڻي آهي، جنهن لاءِ پورو ائٽلانٽس هوٽل بڪ ڪيو ويو آهي ۽  محفل موسيقي لاءِ هندستان جي مشهور ڳائڻي  نيها ڪنڪر کي گهرايو ويو آهي، ياد رهي ته حبيب رفيق گروپ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽  ٻين اهم منصوبن ۾ تعميراتي ڪم ڪندو آهي، گروپ کي مسٽر ڪلين به سڏيو ويندو آهي. ميان نواز شريف تحفي ۾ مليل جهاز قبول ڪيو ۽ خاندان سميت جهاز ۾ چڪر به لڳايو . جهاز جي قيمت 10 ملين ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي.جهاز تيز ترين رفتار وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.