ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ آلآصف اسڪوائر، ايم نائن جي ڀرپاسي ۾ حددخلين جي خاتمي واري ڪيس ۾ جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لکت حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي انتظاميا هڪ هفتي ۾ آلآصف اسڪوائر جي ڀرپاسي مان سموريون حددخليون ختم ڪرائي، آلآصف اسڪوائر کان ٽول پلازا تائين حددخليون هڪ مهيني ۾ ختم ڪرايون وڃن.
لکت حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته رينجرز ۽ پوليس حددخلين جي خاتمي ۾ انتظاميه سان مڪمل سهڪارن ڪن، رينجرز ۽ پوليس انتظاميا کي گھربل نفري به فراهم ڪري، حددخليون ختم ڪري سروس روڊ، گرين بيلٽ تي فوري بيوٽيفڪيشن ڪئي وڃي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته اين ايڇ اي، ايف ڊبليو او علائقو تحويل ۾ وٺي ترقياتي ڪم ۽ بيوٽيفڪيشن ڪرائي.
ڊپٽي ڪمشنر اوڀر، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي اولهه، ايف ڊبليو او ۽ اين ايڇ اي کي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 جنوري 2024ع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
حڪم نامي ۾ ٻڌايو ويو ته ڊي سي اوڀر جو عدالت ۾ چوڻ هو ته حددخليون هٽائڻ بعد ٻيهر قبضو ٿي وڃي ٿو.
سنڌ حڪومت جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ ڪميٽي بڻائي آهي، عدالت اصل ماسٽر پلان موجب سروس روڊ، گرين بيلٽ ۽ فٽ پاٿ ڪليئر ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اهڙا قدم کنيا وڃڻ ته جيئن ٻيهر حددخليون قائم نه ٿين.
Prev Post
You might also like