هزارين جعلي فيسبڪ اڪائونٽ ڊليٽ

دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ويب سائيٽ فيسبڪ جي نالڪ ڪمپني ميٽا چيو آهي ته ان هزارين اهڙا جعلي اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيا آهن جيڪي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته اهي آمريڪي ماڻهن جا اڪائونٽ آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب فيسبڪ انتظاميا تصديق ڪئي آهي ته هنن چين جي مختلف علائقن مان هلندڙ 4800 جعلي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن.
فيسبڪ انتظاميا موجب ڊليٽ ڪيل سمورا اڪائونٽ چين مان هلي رهيا هئا پر اهي اهو تاثر ڏئي رهيا هئا ته اهي آمريڪي آهن.
ڊليٽ ڪيل اڪائونٽس تي پروفائيل تصوير سميت ٻيون تصويرون به جعلي هيون، جن ۾ آمريڪين کي ڏيکاريو ويوهو.
فيسبڪ موجب ڄاڻايل سمورا اڪائونٽس آمريڪي سياست ۽ خاص طور تي ايندڙ سال آمريڪي چونڊن جي حوالي سان چونڊيل مواد شيئر ڪري ماڻهن جي سوچ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.