اڪشي ڪمار ۽ گوتم گمڀير ڪڍ هئا،عرفان پٺان سان محبت ڪندي هيس:پائل گھوش

ممبئي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڀارتي اداڪارا پائل گهوش دعويٰ ڪئي آهي ته ماضي ۾ اڪشي ڪمار کان وٺي گوتم گنڀير تائين سڀ هن جي پٺيان هئا هو کيس روز مس ڪال ڏيندا هئا پر هوءَ ان وقت ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ سان محبت ڪندي هئي.
پائل گھوش شوبز شخصيتن سميت ٻين ماڻهن تي ماضي به الزام لڳائي چڪي آهي، هن 2020ع ۾ فلمساز انوراگ ڪشيپ تي به زيادتي جو الزام لڳايو هو.
هاڻي هڪ ڀيرو وري هن ٽوئيٽر تي حيران ڪندڙن دعويٰ ڪري ڇڏي آهي جنهن تي ڀارتي مٿس نتقيد ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي اخبار موجب پائل گھوش پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته ماضي ۾ سندس لاڳاپا ڪرڪيٽ عرفان پٺاڻ سان رهيا آهن ۽ بنهي پنجن سالن تائين هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪيو آهي.
هن ٻڌايو ته 2011ع ۾ هن جي ۽ عرفان پٺاڻ وچ ۾ لاڳاپا هئا ۽ انهن بابت گھڻن ڪرڪيٽرن کي خبر هئي.
اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته ڪرڪيٽ گوتم گمڀير کيس روز مس ڪال ڏيندو هو هو هن جي پٺيان پيل هو جڏهن ته عرفان پٺاڻ کي به ان ڳالهه جي خبر هئي ته گوتم کيس مس ڪال ڏيندو آهي.
هن موجب گوم گمڀير پاران کيس مس ڪال ڏيڻ جي ڳالهه عرفان پٺاڻ ٻين ڪرڪيٽرن کي به ٻڌائي ۽ ڪيترن ئي ڪرڪيٽرز ان ڳالهه کان واقف آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار به هن جي پٺيان هو پر هوءَ ان وقت عرفان پٺاڻ سان محبت ڪندي هئي.
هن موجب عرفان ۽ هن جا 5 سالن تائين لاڳاپا رهيا ختم ٿيڻ بعد هن ڪنهن سان به محبت نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.