تڪبندين سان ڪراچي تي واضح ڏاڍ نظر اچي پيو:ايم ڪيو ايم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي تڪبندين تي اعتراض واريندي چيو آهي ته تڪبندين سان ڪراچي تي ڏاڍ واضح نظر اچي ٿو، مڪاني چوندن ۾ جيڪو ڪيو ويو اها ئي صورتحال وري نظر اچي رهي آهي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبو صديقي جو چوڻ هو ته سنڌ جي شهري علائقن سان مختلف رويو آهي، پهريان ڳڻيو ناهي ويندو پوءِ ووٽر لسٽن مان ڪڍيو ويندو آهي، ناانصافين جي تدارڪ لاءِ اسان ڪيڏانهن وڃون.
خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته مڪاني چونڊن ۾ جيڪو ڪيو ويو اها ئي صورتحال وري نظراچي رهي آهي، تڪبندين سان ڪراچي تي ڏاڍ واضح نظر اچي ٿو، هي شهر سڄي ملڪ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندو آهي شهر ۾ امن امان کانسواءِ ملڪ ۾ امن نٿو اچي سگھي.
هن چيو ته پهريان پاڪستان جو خواب ڏٺو هو هاڻي پاڪستانين جو خواب ڏسڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.