نقصان ڏيندڙ ادارا فوج حوالي ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت اسٽريٽجڪ نوعيت جي حساس ادارن جو ڪنٽرول پاڻ وٽ رکڻ ۽ ڪمرشل سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان پاليسي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

ناڻي وزارت حڪومتي ادارن جي اونرشپ اينڊ مئنيجمينٽ پاليسي 2023 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نئين پاليسي سڀني حڪومتي ملڪيتي ادارن تي لاڳو هوندي، حڪومت استريٽجڪ نوعيت جي حساس

ادارن جو ڪنٽرول پاڻ وٽ رکندي ۽ ڪمرشل سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه ادارن جي نئين سر تنظيم ڪري انهن جي مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو، مالي يا آپريشنل طور تي ناڪام ادارن کي بيمار ڪمپني ڊڪليئر ڪيو ويندو، اهڙن ادارن جي بحالي، نئين سر اڏاوت ۽ نئين سر تنظيم جو پلان تيار ڪيو ويندو، مستقبل ۾ حڪومتي ادارن ۾ نيون ڀرتيون ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

ناڻي وزارت موجب يونٽ سرڪاري ادارن جي بزنس پلان جو تجزيو ڪري سفارشون ڏيندو، سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ ۾ قابل ۽ تجربيڪار عملو ڀرتي ڪيو ويندو، انهن ادارن جي آزاداڻي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ڊيتا بيس تيار ڪيو ويندو، حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت پاليسي هر پنجن سالن بعد اپ ڊيت ڪري جاري ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت بجلي چوري کي منهن ڏيڻ ۽ بلن جي اوڳاڙي کي بهتر بڻائڻ لاءِ خساري ۾ هلندڙ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نگراني پاڪ فوج حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

حاضر سروس آفيسرن سان گڏ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (FIA) ۽ انٽيليجنس بيورو (IB) سڀ خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نگراني ڪندا.

ٽيم بدعنواني جي نشاندهي ڪرڻ ۽ بجلي چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندي.

شروعاتي طور تي حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويندو.

تنهن بعد پشاور، سکر، ڪوئيٽا، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به اهڙا قدم کنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.