جج جي اوچتي بدلي سان گهٻرائجي ويا آهيون: ام رباب

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ جي ٽن شھيدن جي وارث ام رباب چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي  ته منھنجي جدوجھد مظلوم ماڻھن لاءِ آھي، ھي ھنگامي پريس ڪانفرنس جو مطلب اسان جو ڪيس جنھن جج صاحب وٽ ھلي رھيو اھو جج صاحب حافظ عطاءُ الله شيخ جي غير معمولي طور بدلي ڪيو ويو آھي جنھن سان اسان گھٻرائجي ويا آھيون ۽ پريشان آھيون، جيڪڏهن عام بدليون ٿين ھا ته اھڙو تاثر نه ٿئي ھا، اسان جي پريس ڪانفرنس عدليه خلاف نه آھي پر مان چيف جسٽس کان مطالبو ڪري رھي آھيان ته ھن وقت اسان جي ڪيس ۾ جج صاحب تبديل ٿئي ٿو ته سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو، اسان سمجھون ٿا ته سردار اسان جي ڪيس ۾ اثرانداز ته رھيا آھن، جج صاحب سموري ڪيس ۾ ڏٺو آھي اھو ٻنھي ڌرين جي رويي کان واقف آھي، پريس ڪانفرنس ۽ جدوجهد جو مقصد پنھنجي وارثن جي قتل ۾ ملوث ماڻھن کي سزا ڏيارڻ آھي پر ائين ڪرڻ سان انصاف ۾ دير رهندي آئين ۾ اھو آھي ته صرف ھڪ جج کي بدلي نه ٿو ڪري سگھي اسان جو ڪيس ھن وقت اھم موڙ تي آھي ان ڪري ضروري آھي ته ساڳيو جج مقرر هجي، سردار اسان کي ٿڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا عدالتون انصاف ڪنديون ته ماڻھن جو اعتماد وڌندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.