اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف توشا خانا ڪيس ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پنهنجو بيان جمع ڪرايو.
نواز شريف طرفان جمع ڪرايل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪو دستاويز موجود ناهي ته نواز شريف ڪا به گاڏي گهري هئي، نواز شريف طرفان گاڏي وٺڻ جو ڪو به مطالبو نه ڪيو ويو.
اڳوڻي وزيراعظم جي جواب تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته هاڻي ڇا ڪندئو؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هاڻي نواز شريف جو بيان ڏسنداسين ۽ پوءِ ان تي وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ويهه ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.