احمد شهزاد جو ليگز ڪرڪيٽ بدران ملڪ لاءِ کيڏڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اوپنر بيٽر احمد شهزاد چيو آهي ته هو ابوظهبي ٽي ٽين ليگ کيڏڻ بدران ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ کي ترجيح ڏيندو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ احمد شهزاد چيو ته پي سي بي ابوظهبي ۾ جاري ٽي ٽين ليگ کيڏڻ جي اجازت ڏني جنهن تي ٿورائتو آهيان پر مون ابوظهبي وڃڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي.

احمد شهزاد وڌيڪ لکيو ته سدائين پاڪستان کي اهميت ڏني آهي، قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو رهندس .

هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪري نوجوانن ڪرڪيٽرن لاءِ مثال بڻجڻ چاهيان ٿو، بنگال ٽائيگرز جو به ٿورائتو آهيان جن مون کي پرفارمنس جي بنياد تي سليڪٽ ڪيو.

ياد رهي ته احمد شهزاد پاڪستان ٽيم جي ون ڊي ۽ ٽيسٽ ۾ آخري ڀيرو 2017 ۾ نمائندگي ڪئي هئي جڏهن ته هن 2019ع ۾ پاڪستان لاءِ آخري ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ کيڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.